رانوتي جي ڪچي مان ڪوئيٽا واسي مغوي آزاد

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙو ايس ايس پي اظھرخان جي سخت ھدايتن تي رانوتي پوليس جو ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون رانوتي پوليس گشت دوران خفيا اطلاع تي ڪچي واري علائقي ۾ نشاندھي واري جڳھ تي پھتي جتي ڏوھاري  15 ڏينھن اڳ سکر جي غلام بند کان اغوا ڪيل ڪوئٽا جو رھواسي سرور خان ولد محمد حسين پٽاڻ کي ڏوھاري ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو ٿي پيو سخت مقابلي بعد ڏوھاري مغوي کي ڇڏي رات جي اونڌائي جو فائدو وٺندي فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جتي پوليس مغوي کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو پوليس مغوي کي رانوتي ٿاڻي تي کڻي آئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.