جيڪب آباد ڏوهارين حوالي، جي يو آءِ جو مارچ، ڌرڻو

جيڪب آباد (ڊر)جميعت علماءِ اسلام ۽ شهرين پاران بد امني، وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ جي يو آءِ جو جهنڊو لاهڻ خلاف هڪ احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، تعلقه امير عبدالجبار  رند، حماد الله انصاري، تاج امروٽي، چاڪر خان جکراڻي، محمد موسيٰ مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي يو آءِ آفيس جيڪب آباد کان ڪڍيو ويو، مظاهرين جي هٿين ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي بد امني ختم ڪريو، جهنڊو لاهڻ وارن کي گرفتار ڪريو، عوام کي تحفظ ڏيو جا نعرا درج ٿيل هئا، مظاهرين ۽ شهرين شهر جي مختلف رستن شاهي بازار، صرافه بازار، ڀٽائي بازار، ٿاڻو روڊ ۽ قائد اعظم روڊ کان ٿيندا شهر جي اهم ڊي سي چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن جي ڪري ڪجهه عرصي لاءِ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مقررن چيو ته جيڪب آباد ۾ هر نئين ڏينهن وارداتون ٿي رهيون آهن، شرپسندن نظر واهه کان جي يو آءِ جو جهنڊو لاهي ڪري بزدلي جو مظاهرو ڪيو آهي، وڌيڪ جي يو آءِ جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي قيمتي موبائل، نياز کوسو، محمد عظيم پنهور، رحيم بخش بروهي جي موٽر سائيڪل چوريون ۽ ٻيون وارداتون ٿيڻ باوجود پوليس اگهور ننڍ ۾ ستل آهي، پوليس کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪجهه به ناهي ڪري رهي، انهن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ڪنٽرول، جي يو آءِ جو جهنڊو لاهڻ وارن کي گرفتار ڪري قانون حوالي ڪرڻ، ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن ۽ عوام جي ٿيل چورين ۽ ڦرن جو سامان واپس ڪرڻ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٻي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.