ڀريا سٽي ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب  پورھيت نوجوان جانب علي راڄپر ولد جمن راڄپر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. ان  سلسلي ۾ سندس ڀاءَ پنھل راڄپر ٻڌايو تـه منھنجو ڀاءَ ڀرياروڊ ڀرسان بوھ جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو ھو. جنھن کي بوھ پريس ڪندڙ مشين مان بجلي جو ڪرنٽ لڳو جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو آهي . جڏهن ته نوجوان جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ چاھين سليمان راڄپر پهچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏهن ته فوتي نوجوان جي جنازي نماز ۾ علائقي جي مختلف سياسي سماجي ، ڳوٺاڻن ۽ پورھيت طبقي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  جڏهن ته نوجوان جي مڙھ کي مقامي قبرستان ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويوـ ان موقعي تي فوتي جي ڀاء پنھل راڄپر ٻڌايو ته فوتي کي بيواھ کان علاوا ٻن نياڻين ۽ ھڪ پٽ جو اولاد سوگوارن ۾ ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.