لکي مان وڌيڪ هڪ نوجوان اغوا، وارثن جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

لکي غلام شاھه (رپورٽ:نديم جان مهر) چڪ لڳ چڪ سکر روڊ سم شاخ پوليس چوڪي لڳ نامعلوم هٿياربندن چڪ لڳ ڳوٺ ھوٿي واسي پورهيت  34 سالن جي نوجوان عبدالله سولنگي کي اغوا ڪري ورتو .وارثن پاران ڳولا باوجود هٿ نه اچڻ تي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو .پوليس ۽ وارثن پاران ڳولا ڪرڻ تي نوجوان جي ٽوپي موٽرسائيڪل جون چاٻيون ۽ نوجوان جي لوئي هٿ اچڻ تي اغوا جي تصديق ٿي وڃڻ تي مغوي جي وارثن ۽ ڳوٺ ھوٿي واسين پاران احتجاج ڪندي سکر شڪارپور روڊ تي پهچي جهان خان چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باھ ڏيئي ڇڏيون ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ڪري رکيو جنهن سبب سڄي ملڪ جي ٽريفڪ جام ٿي ويئي ڊي ايس پي لکي غلام شاھ عزيزالله موريو احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن جي مهلت بعد روڊ خالي ڪرائي ورتو .نوجوان جي اغوا بعد ڳوٺاڻن جي احتجاج تي ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو واقعي واري هنڌ پهچي مغوي جي وارثن سان ملاقات ڪري کين يقين ڏياريو ته مغوي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ لاء ھو پاڻ نگراني ڪندو جلد سٺي خبر ملندي .ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ خانپور تعلقو بگڙيل هو هاڻي لکي غلام شاھ ۾ اغوا جا 2 ڏوھ ٿيا آھن جلد ڏوهارين خلاف ٽارگيٽ آپريشن ڪري مغوي بازياب ڪرايا ويندا.

ٻئي طرف رات ديرسان اغوا ٿيل نوجوان عبدالله سولنگي جي اغوا بعد لکي غلام شاھ تعلقي مان اغوا ٿيلن جو انگ 2 ٿي ويو آھي لکي غلام شاھ شھر واسي نوجوان زوهيب ڀٽو کي هڪ مهينو 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس کيس بازياب ڪرائي نه سگهي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.