ميان صاحب ڀرسان نينگر کي کنڀڻ جي مبينا ڪوشش

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ بلاول کوهارو ۾ رات دير سان نامعلوم شخص پورهيت شيرل اوڏ جي گهر ۾ گهڙي ويو  جتي نامعلوم شخص پاران ٻارڙن کي مبينا طور کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جتي ڳوٺاڻن مارڪٽ ڪري همراه کي پڪڙي ميان صاحب پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ ميان صاحب پوليس ٻڌايو ته سوگهو ڪيل همراهه جو ذهني توازن درست نه پيو لڳي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا پوليس موجب گرفتار همراهه پنهنجو نالو خادم حسين پٽ رسول بخش مگسي ويٺل شاهپور چاڪر ٻڌائي رهيو آهي جنهن بابت به معلومات وٺي رهيا آهيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.