ميرپورخاص ۾ ڄام خان شورو جي اسڪواڊ جي موبائل سان ٽڪر

ميرپورخاص (ن ع آ) گذريل ڏينهن بلديات جي صوبائي وزير ڄام خان شورو کي ميرپورخاص مان روانگي لاء سندس اسڪواڊ ۾ شامل هڪ پوليس موبائل واپسي تي تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري رتن آباد وٽ ڪراچي ويندڙ شاھ لطيف ٽرين جي روانگي سبب بند ڦاٽڪ سان ٽڪرائجي ويئي جنهن ڪري ڦاٽڪ جو هڪ گيٽ ٽٽڻ سان گڏ اتي بيٺل مقامي ٽرانسپورٽ ڪمپني جو ملازم غلام مرتضئ ولد مولابخش سخت زخمي ٿي پيو جنهن جون ٽنگون ٽٽي ويون ۽ ٽرين به رڪجي ويئي زخمي کي سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو جتي کيس طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.