ازبڪستان؛ گيس ليڪيج سبب 3 ڄڻا فوت

تاشقند (م ڊ) ازبڪستان جي اوڀر واري علائقي سرغانه ۾ گيس ليڪيج جي ڪري ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ چار زخمي ٿي پيا. چيني سڌ سماءَ جي ذريعن ازبڪ ايمرجنسي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته ڌماڪو ايترو زوردار هو جو عمارت کي نقصان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ چار زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اهلڪارن مري ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.