کوسڪي ۾اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ لڳا، ٻارن جون زندگيون داءُ تي لڳل

کوسڪي(رپورٽ: شاهجهان لاکاٽيو )کوسڪي شهر ۾ گورنمينٽ گرلز هائي اسڪول جي عمارت مڪمل زبون حالت جي ڪري ڇت جا چاپڙ ڪرڻ لڳا ٻارن جي زندگي دا۽ تي لڳل ٻئي پاسي سماجي اڳواڻ ربنواز ملاح  امان الله کوسو صمد کوسو ٻين دانهيندي چيو ته گورنمينٽ گرلز هائي اسڪول کوسڪي جو قديمي اسڪول آهي جنهن جي عمارت مڪمل طور تباھ ٿي وئي اسڪول ۾ ماسترياڻيون گهر ويٺي پگهار کڻي رهيون آهن انهن جي جڳھ تي مڊل ڪلاس جون ڇوڪريون پڙهائي رهيون آهن سياسي اثر رسوخ هئڻ ڪري تينعات ٿيل ماسترياڻيون اسڪول ۾ ڊيوٽي نٿيون ڏين جنهن جي هتي جي نياڻين جو مستقبل تباهه ٿي رهيو اسڪول ۾ فرنيچر نه هئڻ ڪري سياري ۾ پٽ تي ويهي نياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن هن اسڪول ۾ مٺي ٿري شادي لارج نيوي چڪ ان کان علاوه آس پاس جي علائقن مان نياڻيون اسڪول ۾ اچن ٿيون اسڪول ۾ ماسترياڻين کوٽ اسڪول جي عمارت مڪمل زبون حالت ۾آهي اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي اسان اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ٿا ته تعليم اسان ٻارن جو حق آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.