ميهڙ لڳ نينگري سان زيادتي معاملو، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

ميھڙ( ن ع آ) ميهڙ لڳ کُهڙي جي ڳوٺ جي 9 سالا معصوم سسئي کوسو جي زيادتي جو معاملو فريدآباد پوليس جوابدار امتياز کوسو کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي نينگري جو والد ايوب کوسو چيو آھي ته منهجي 9 سالا معصوم ننيگري سسئي کوسو اسپتال ۾ تڙپندي رهي اسپتال ۾ دانهون ڪيون سين ايم ايس تعلقي اسپتال ۽ ڊي ايڇ او دادو ڪير به دانهون ٻڌڻ لاء تيار نه هيو ڊاڪٽرياڻي 2 ڪلاڪ دير سان آئي غريب مسڪين آھيون جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه، چيف جسٽس آف سنڌ احمد علي شيخ کي اپيل ٿي ڪجي ته تعلقا اسپتال ۾ نااهلي جو نوٽس وٺي ڪاروائي ڪئي.

  • نارو ويجهو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

نارو(ن ع آ) سوراه ٿاڻي جي حد چونڊڪو ڀرسان تجل واري علائقي ۾ ڳوٺ غلام اڪبر چانڊيو ۾چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب مسمات سليمت چانڊيو.مسمات وحيدان چانڊيو ۽ ظفر علي چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي وارثن چونڊڪو اسپتال داخل ڪرايو آهي پوليس زخمي ظفر علي چانڊيو جي فرياد تي جوابدارن امام علي چانڊيو.هزار خان چانڊيو.مختيار چانڊيو ۽ٻن نامعلوم ماڻهن سميت پنجن ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪري زخمين کي علاج لاء ميڊيڪل ليٽر ڏئي روانو ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ متاثرين علي قطب چانڊيو.شاهنواز.علي مراد چانڊيو.وحيده چانڊيوسليمت خاتون معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ظالمن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي گهر ويٺي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻائي ويا آهن اسين آء جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

  • لاڙڪاڻي لڳ  شادي تقريب دوران فائرنگ، گهوٽ جي ڀيڻ زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) وڳڻ ٿاڻي جي حد وڳڻ شهر ۾ شادي جي  تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب گهوٽ جي ڀيڻ فرزانه مغيري سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ويو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي عورت جي وارثن ٻڌايو ته فرزانه پنهنجي ڀاءُ ساجد مغيري جي شادي تقريب ۾ ويل هئي جتي خوشي ۾ فائرنگ جي نيجي ۾ گولي لڳڻ سبب فرزانه سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمي عورت جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.