ڪنب ويجهو شاهنواز واهه کي 20 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

ڪنب (رپورٽ: خدا بخش تمراڻي ) ڪنب ڀرسان ڳوٺ احمد آباد ٻاڙي ڀرسان شاهنواز واه کي گزريل رات دير سان 20 فوٽ کان وڌيڪ گهارو لڳي ويو گهاري لڳڻ سبب سوين ايڪڙ زرعي زمين تي بيٺل فصل پڻ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو ڳوٺاڻن پاران آبپاشي عملي کي گهاري پوڻ جو اطلاع ڏنو ويو پر اطلاع باوجود وقت سر نه پهچڻ تي ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ڪيترن ڪلاڪن بعد صبح جو ايريگيشن عملي پهچي ڳوٺاڻن جي مدد سان گهارو بند ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.