ڊکڻ لڳ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو،17 لک ڏنڊ

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ ڳوٺ مومل جي وانڍ ۾ رند برادري جي ٻن ڌرين ڳوٺ سانگي واسي محبت رند ۽ ڳوٺ سونو کٽي واسي آصف رند جي ڌرين وچ ۾ ڪارنهن معاملي تان هلندڙ تڪرار جو نبيرو سيد نهال شاھ جي سرپئنچي  هيٺ ٿي گذريو،جڏهن ته نبيري ۾ ڌرين جي سرواڻن بيان ٻڌايا،جڏهن ته ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فيصلي جي سرپئنچ الزام هيٺ آيل ڌر تي مجموعي طور تي 17 لک روپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي جيڪا،ٻنهي ڌرين قبولي ورتي،جڏهن ته ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي،جڏهن ته ڌر آصف رند 30 هزار ٿڏي تي ڌر محبت رند کي ادا ڪيا،جڏهن ته نبيري جي فتوا بعد ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.