لکي لڳ گھر کي کاٽ،چوري جي ڪوشش،ڳئون زخمي

لکي غلام شاھ(ن ع آ) رات ديرسان چڪ ٿاڻي جي حد بيگاري بچاء بند تي قائم ڳوٺ گلشير جاگيراڻي ۾ نامعلوم هٿياربندن چورن انعام الله جاگيراڻي جي گهر کي پٺ مان کاٽ ھڻي ڍور چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي هٿياربند چورن فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ ۾ گهراندر بيٺل ڳئون ۽ ان جو ڦر زخمي ٿي پيا ڪجھ ديربعد ڦر مري ويو صبح سوير چڪ پوليس کي اطلاع ڏيڻ بعد ڳوٺاڻن هٿياربندن چورن جا پيرا کڻي  ساڳئي ڳوٺ ڀرسان بچاء بند تي ويٺل ڪرسي جتوئين جي گهرن ۾ گم ڪري ڇڏيا آھن ٻئي طرف چڪ پوليس پهچي جاچ شروع ڇڏي آھي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي ٻي طرف متاثر ڳوٺاڻن انعام الله جاگيراڻي  اميربخش جاگيراڻي عزيزالله جاگيراڻي جو چوڻ آھي ته ساڻن ظلم ڪيو ويو آھي هٿياربندن بي زبان جانورن کي گوليون هڻي زخمي ڪيون ويو جنهن ۾ ھڪ ڳئون جو ڦر مري ويو آھي ۽ ڳئون زخمي آھي انصاف ڏياري جوابدارن خلاف قدم کنيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.