پير ڳوٺ لڳ پوليس جي ڪارروائي ، حملي ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) فيض محمد ٻنڊو پوليس هڪ هفتو اڳ سينيئر صحافي ثناءُالله بلوچ جي پٽ ۽ سئوٽ تي حملو ڪندڙ جوابدار عبدالستار پٽ خان محمد کورکاڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، فيض محمد ٻنڊو پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار کي ناڪابندي دوران گرفتار ڪيو آھي جنهن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ياد رھي ته هڪ هفتو اڳ ڪوٽ ميرمحمد لڳ هٿياربندن سينيئر صحافي ثناءُ الله بلوچ جي پٽ سراج احمد ۽ سئوٽ معشوق علي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ هو معجزاڻي طور بچي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.