سکر ۾ روهڙي واسين جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج، عورتن سميت مظاهرو

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) روهڙي جي ڳوٺ اڇي ڪبيون جي رهواسي شيخ برادري سان تعلق رکندڙ عورتن مسمات ياسمين، امام زادي ۽ ٻين معصوم ٻارن سميت سکر پريس ڪلب آڏو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو آهي ته اسان جي مائٽ ياسين شيخ کي پوليس بلاجواز گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي هر ٿاڻي تي ڳولها ڪرڻ باوجود نوجوان هٿ ناهي اچي سگهيو، هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي پوليس اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري نه ڇڏي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.