هن سال ڪورونا جي عالمي وبا تي ضابطو آڻي ڇڏينداسين: ڊبليو ايڇ او

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري جي سربراهه اميد ظاهر ڪئي آهي ته هلندڙ سال ڪورونا جي عالمي وبا تي ضابطو آڻي ڇڏينداسين.

ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊهانوم پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته عالمي وبا خلاف جنگ ۾ قوم پرستي کي وساري سڀني ملڪن کي متحد ٿيڻو پوندو.

واضح رهي ته ٻه سال اڳ شروع ٿيندڙ ان وبا سبب هيل تائين سڄي دنيا ۾ 287 ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ 5.5 ملين آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.