تيز برساتن جو نئون سسٽم سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي موجب سياري جي مند ۾ ٻيهر برسات پوڻ جو ڪارڻ  اولھھ کان  هوائن  جو  هڪ  طاقتور سسٽم اتر بلوچستان جي رستي 3 جنوري کان داخل ٿيڻ آهي.

اولهه سلسلي جا اثر اپر سنڌ ڏانهن وڌندا، جنهن بعد اولهه سسٽم جا اثر پوري ملڪ تائين پکڙجي ويندا.

ان سسٽم جي نتيجي ۾ دادو، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 4 کان 6 جنوري جي وچ ۾ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو  امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، بدين، ٺٽو، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ 5 کان 6 جنوري جي وچ ۾ تيز مينهن وسي سگهي ٿو.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ايندڙ ٽن ڏينهن دوران ڏينهن جي وقت آسمان صاف ۽ ٿورا ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي، رات ۾ وڌيڪ ٿڌ جو  امڪان آهي.

واضح رهي ته ڇنڇر تي ڪراچي شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11.9  ۽ وڌ کان وڌ 25.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.