”ڪپتان کي بااختيار بڻائڻ سان ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل آيو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا قوم کي نئين سال جو واڌايون پيش ڪيون آهن.

نئين سال جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي چيئرمين قومي ٽيم ۽ ڪرڪيٽ جي حوالي سان به ڳالهايو.

رميز راجا چيو ته ڪپتان کي بااختيار ڪرڻ سان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل آيو، جڏهن ته ايج گروپ ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺندڙ باصلاحيت رانديگرن کي پاٿ وي ۽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جو بهترين انفرا اسٽرڪچر بڻائڻ هن سال منهنجي ترجيح هوندي، ايج گروپ ڪرڪيٽرن کي وظيفو ۽ برابري جي ڪرڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽي ٽين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائڻ تي به غور ڪيو ويندو، انڊر 19 ۽ وومينز پي ايس ايل لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون، ڊراپ ان ۽ هائبرڊ پچز تي به تيزي سان ڪم جاري آهي، اسلام آباد ۾ اسٽيڊيم ۽ هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ نوان ڪمرا ٺاهڻ تي ڌيان آهي.

سندس چوڻ هو ته قومي ٽيم جا ڪوچ مقرر ڪرڻ تي ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان ۽ ثقلين مشتاق سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، عام تاثر اهو ئي آهي ته قومي ٽيم سان پرڏيهي ڪوچن جي مقرري هجڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.