گذريل حڪومتن جي غير ضروري ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري رهيا آهيون: ناڻي کاتي جو ترجمان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرط موجب پيٽرول جو اگهه وڌايو آهي، آءِ ايم ايف 700 ارب ٽيڪس جو چيو پر حڪومت 350 ارب تائين کڻي آئي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مزمل اسلم چيو ته پوري دنيا ۾ مهانگائي جو طوفان آهي، اهڙي مهانگائي 2008 ۾ به ڏٺي وئي هئي،  گذريل 6 مهينن ۾ جيتري مهانگائي ٿي، اُن جو جائزو وٺڻو پوندو.

هن چيو ته مالياتي ترميمي بل مني بجيٽ ناهي، گذريل حڪومتن جي غير ضروري ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽرول جو اگهه گهٽ ٿيندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي سرڪار پاران پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.