ڪنڊيارو: شهر  جي بنيادي مسئلن خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جو ڌرڻو

ڪنڊياري شهر  ۽ تعلقي جي  بنيادي مسئلن خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين پاران ڪنڊياري شهر جي بنيادي مسئلن خلاف  ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي اسٽارڪ چوڪ پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ نواز گھاگھرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪنڊياري شهر سميت تعلقي جو عوام هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، صحت، تعليم، صفائي، روڊ ۽ رستن سميت ڪا به سهولت موجود نه آهي جنهن سبب عوام تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هنن چيو ته عوام جو پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ بدران ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو جڏهن ته بدامني سبب عوام پريشان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.