بابر اعظم 2021 جو سڀ کان يادگار لمحو ٻڌائي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم 2021 جي پڄاڻي تي قومي ٽيم جي ڪارڪردگي سميت ڀارت خلاف ڪاميابيءَ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ هن سال جو سڀ کان يادگار لمحو به ٻڌائي ڇڏيو.

يو ٽيوب تي جاري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پوڊ ڪاسٽ ايپي سوڊ ۾ بابر اعظم پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

قومي ٽيم جي ڪپتان چيو اهو اهم ناهي ته شروعات ڪيئن ٿا ڪيون پر اهو اهميت رکي ٿو ته اسان سال جي پڄاڻي ڪيئن ٿا ڪيون، اسان جيئن سال جي پڄاڻي ڪئي، اهو سڀني جي سامهون آهي.

هن چيو جيڪڏهن مون کان سال جو يادگار لمحو پڇيو وڃي ته اهو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ هو، جنهن کي مان بيان ئي نٿو ڪري سگهان، اسان ان کان اڳ ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ ۾ ڪا ڪاميابي رڪارڊ نه ڪرائي هئي پر الله پاڪ تاريخ تبديل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي، اها ٽيم جي محنت هئي، اسان پراميد هئاسين پر اوور ڪانفيڊنٽ نه.

سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ اسان سيمي فائنل هارائي وياسين پر اسان اهو به سکيو ته غلطي ڪهڙي هئي ۽ اسان ڪيئن سٺو ڪري سگهون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.