مٽر جا صحت لاءِ فائدا

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته مٽر کائڻ جا فائدا ۽ نقصان ڪهڙا ڪهڙا آهن، ۽ وزن ۾ گھٽتائي لاءِ مٽر فائديمند آهن يا هاڃيڪار؟

پر اوهان اهو ضرور ڄاڻيندا هوندا ته ميوون ۾ ڳڻي ويندڙ ڀاڄي مٽر سياري جي موسم ۾ سولائي سان دستياب هوندا آهن، ۽ مٽر جا ننڍا ننڍا داڻا صحت جي لحاظ کان گھڻا فائديمند قرار ڏنا ويندا آهن.

پاور فوڊ

مٽر هڪ سائي ڀاڄي آهي، ۽ غذائي ماهر ان کي پاور فوڊ به چوندا آهن، ان ۾ ڪيترائي غذائي جُز موجود هوندا آهن جيڪي انساني صحت لاءِ گھڻا ضروري آهن.

مٽرن ۾ آئرن، فائبر، پروٽين، وٽامن اي، ايڇ، بي اِي ۽ سي موجود هوندا آهن.

مٽر ۾ پروٽين 23 سيڪڙو، ڪاربوهائڊريٽس 50 سيڪڙو، جڏهن ته وٽامن بي به ڪافي مقدار ۾ موجود هوندي آهي.

مٽر ۾ سلفر ۽ فاسفورس به ٻين جُزن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موجود هوندو آهي.

مٽر جو تاثير گرم هوندو آهي، اهو جسم کي غذائيت پهچائي پٺن ۽ عضون کي مضبوط بڻائيندو آهي.

وزن ۾ گھٽتائي

هونئن ته غذائي ماهرن جو چوڻ آهي ته مٽر هر عمر جي فرد لاءِ فائديمند ڀاڄي آهي، پر ان کي  وزن ۾ گھٽتائي ڪرڻ جي خواهشمندن لاءِ فائديمند قرار ناهي ڏنو ويندو.

فٽنيس ۽ غذائي ماهرن موجب مٽر ۾ غذائيت ۽ ڪيلوريز جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي، جيڪڏهن ڪو شخص ڊائيٽ پلان تحت سوپ يا ڀاڄين تي ٻڌل سلاد کائي رهيو آهي، ته کيس مٽر جي حوالي سان محتاط رهڻ گھرجي.

اهڙي صورت ۾ مٽر جو استعمال گھربل وزن ۾ گھٽتائي لاءِ هيڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.