ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جو جوابدار جيڪولين جو عاشق نڪتو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ ۽ فراڊ ڪيس جي جوابدار سڪيش چندرا شيکر دعويٰ ڪئي آهي ته هُن جي  اداڪارا جيڪولين فرنانڊس سان محبت هئي.

بالي ووڊ هنگاما جي رپورٽ موجب اداڪارا جيڪولين فرنانڊس ڪيترن ئي مهينن کان سڪيش چندرا شيکر خلاف 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ۽  فراڊ ڪيس ۾ انفورسمنٽ ڊائريڪٽوريٽ (اي ڊي) جي ريڊار تي آهي.

جيڪولين کي ڪيس جي جاچ ۾ ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو ويو آهي، جاچ ايجنسي جي تيار ڪيل چارج شيٽ موجب اداڪارا جوابدار چندرا شيکر کان مهانگا تحفا ورتا آهن، جن کي ايجنسي ضبط ڪري ورتو آهي.

سڪيش چندرا شيکر جي وڪيل ايڊووڪيٽ اننت ملڪ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته تمام غلط آهي ته منهنجي اصل کي الزام ثابت ٿيڻ کان اڳ ئي ڏوهاري يا وري دغا ڪندڙ قرار ڏنو وڃي.

پنهنجي بيان ۾ ايڊووڪيٽ اننت ملڪ چيو ته سڪيش چندرا شيکر دعويٰ ڪئي آهي ته هُن جي جيڪولين فرنانڊس سان محبت هئي ۽ اُهو هُن جو ذاتي معاملو آهي، جنهن کي هن ڪيس ۾ نه ڇڪڻ گهرجي.

سڪيش چندرا شيکر جي وڪيل جو بيان جيڪولين فرنانڊس پاران سي اي ڊي ۾ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت جي درخواست رد ٿيڻ بعد سامهون آيو آهي.

جاچ ايجنسي جيڪولين خلاف 5 ڊسمبر تي لُڪ آئوٽ سرڪولر (ايل اي سي) جاري ڪيو، ان ڪري اداڪارا هاڻي ڪنهن به  حوالي سان پرڏيهه لاءِ سفر نٿي ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.