صحتمند جلد حاصل ڪرڻ جو بهترين نسخو

خوبصورت نظر اچڻ جي خواهش اڄ ڪالهه عورتن سميت مردن جي به هوندي آهي جڏهن ته سٺي شخصيت نظر اچڻ سڀني جو حق آهي، ان ڪري هر ڪو پنهنجي چهري کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي ڇو جو سڀ کان اڳ چهرو ئي ڏٺو ويندو آهي ۽ ان جو صاف ۽ شفاف هجڻ گھڻو ضروري آهي.

جلد ۽ غذائي ماهرن طرفان صحتمند جلد لاءِ وٽامن سي ۽ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ کي اهم ترين جُز قرار ڏنو ويندو آهي.

ٻي پاسي بيوٽيشنز جو به چوڻ آهي ته ميڪ اپ جو سٺو لڳڻ لاءِ سڀ کان پهريان جلد جو قدرتي طور تي سٺو ۽ صحتمند هجڻ ضروري آهي نه ته ميڪ اپ کان پوءِ به خوبصورت لڳڻ ناممڪن آهي.

ان صورت ۾ مستقبل ۾ ڪنوار بڻجندڙ يا وري شادي يا ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ به جيڪڏهن پنهنجي غذا ۾ وٽامن سي ۽ اوميگا ٿري جو استعمال وڌايو وڃي ته ان جا نتيجا متاثر ڪندڙ ثابت ٿي سگھن ٿا.

غذائي ماهرن موجب جيڪڏهن ڪنهن تقريب جي انتظار ۾ آهيو يا ڪنوار بڻجڻ واريون آهيو ته اهڙي صورت ۾ هڪ کان ڏيڍ مهينو اڳ ئي هڪ مارننگ ڊرنڪ جو باقاعدگي سان استعمال شروع ڪري ڇڏيو جنهن سان نه رڳو جسماني عضون مان هاڃيڪار مادن جي صفائي ممڪن هوندي، گڏ ئي واڌو وزن ۾ به گھٽتائي نظر ايندي.

صحتمند ۽ خوبصورت جلد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ لاءِ هڪ چمچو چيا سيڊز کي پاڻي ۾ ڀڄائي رکي ڇڏيو، هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ان ۾ هڪ عدد ليمي جي رسُ شامل ڪيو ۽ ناشتي کان هڪ ڪلاڪ اڳ استعمال ڪيو.

لیموں وٹامن سی اور چیا سیڈز اومیگا تھری حاصل کرنے کا بہترین ذریعہ ہے

ان مارننگ ڊرنڪ سان جلد صاف ۽ شفاف ٿيندي.

ماهرن طرفان تجويز ڪيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ان ڊرنگ جي استعمال سان غذا ۾ وڌ کان وڌ ڪچين ڀاڄين جو استعمال، ٻاهرين کاڌن ۽ مرغن غذائن کان پرهيز ۽ روز اڌ ڪلاڪ پنڌ به ڪيو وڃي ته اوهان کي خوبصورت نظر اچڻ کان ڪو به نٿو روڪي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.