عوام حڪومت توڙي اپوزيشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون توڙي اپوزيشن عوام جي اميدن تي پوريون نه لهي سگهيون.

اپسوس پاڪستان نئين سروي جاري ڪئي آهي، جنهن موجب اپوزيشن جي ڪارڪردگي تي 56 سيڪڙو پاڪستانين بي اعتمادي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته 55 سيڪڙو پاڪستانين تحريڪ انصاف جي حڪومتي ڪارڪردگي کي اميدن جي ابتڙ قرار ڏنو.

سروي ۾ 13 سيڪڙو ماڻهن اميدن کان بهتر چيو، جڏهن ته 32 سيڪڙو ماڻهن چيو ته جهڙي اميد هئي، تحريڪ انصاف اهڙي ئي ڪارڪردگي ڏيکاري.

ڪارڪرگي مان مايوس 46 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن، جن 2018 جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيڻ جو چيو.

سروي موجب 63 سيڪڙو پاڪستانين صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي کي غير تسلي بخش قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.