لکي غلام شاهه ڀرسان نوجوان مبينا اغوا، ڳوٺاڻن جو بازيابي لاءِ ڌرڻو

لکي غلام شاهه ڀرسان مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن  پاران ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو.

لکي غلام شاهه ڀرسان چڪ ۾ اڻڄاتل هٿياربند ڳوٺ هوتي واسي پورهيت 34 ورهين جي عبدالله سولنگي کي مبينا اغوا ڪري ويا جنهن جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن سکر-شڪارپور روڊ تي جهان خان چوڪ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي حد جي ڊي ايس پي عزيزالله موريون پهچي ڳوٺاڻن کي  نوجوان جي بازيابي جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.