بليڪ بيري استعمال ڪندڙن لاءِ بري خبر

ڪينيڊا جي مشهور سافٽ ويئر ڪمپني بليڪ بيري جا فونز هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي نالو وڃائي ويٺا آهن، جنهن کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا ان کي بند ڪرڻ جو خبرون سامهون اينديون رهيون پرڪمپني ان حوالي سان هاڻ وڏو فيصلو ڪيو آهي.

بليڪ بيري موجب 4 جنوري کان ڪمپني پراڻن موبائل فونز لاءِ پنهنجون سروسز ختم ڪري ڇڏيندي.

ڪمپني هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته 4 جنوري کان، بليڪ بيري 10 ۽ بليڪ بيري 7.1 سافٽ ويئر يا ان کان اڳ جي فونز تي نيٽ ورڪس يا واءِ فاءِ ڪم نه ڪندا.

بليڪ بيري طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل موبائل فونز هاڻ ڊيٽا، فون ڪال، ٽيڪسٽ ميسيجز موڪلڻ جوڳا نه هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.