هواوي جو مهانگو ترين فولڊ ايبل فون وڪري لاءِ پيش

هواوي پنهنجو فولڊ ايبل سمارٽ فون ميٽ ايڪس 2 وڌيڪ پريميئم ايڊيشن وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.

ڪمپني طرفان ان فون جو اعلان نومبر 2021ع ۾ ڪيو ويو هو ۽ هاڻ ان کي ڪلڪٽر ايڊيشن جي نالي سان وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

ان فون کي چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جيڪو 12 جي بي ريم ۽ 512 جي اسٽوريج سان ليس هوندو.

اها هواوي جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو فون آهي جنهن جي قيمت 19 هزار 699 يو آن (5 لک 52 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

ان فون ۾ بيڪ تي ليدر مٽيريل جو استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته نانو ڪرسٽلائن گلاس مٽيريل ٻاهرين اسڪرين جو حصو آهي ته جيئن اها وڌيڪ محفوظ رهي سگھي.

فون جي ٻيا فيچرز ميٽ ايڪس 2 جهڙا ئي آهن يعني 8 انچن جي مين او ايل اي ڊي ڊسپلي ايف ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ۽ 90 هرٽز جي ريفريش ريٽ سپورٽ سان گڏ موجود آهي.

فون جي اندر ڪمپني جو پنهنجون ڪيرين 9000 فائيو جي پراسيسر موجود آهي.

فون ۾ بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 16 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ، 12 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ۽ 8 ميگا پڪسل پيري اسڪوپ ڪيمرا سان ليس آهن.

ميٽ ايڪس 2 ڪلڪٽر ايڊيشن ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 55 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ آهي جڏهن ته سيلفي لاءِ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.

ڪمپني طرفان هارموني او ايس 2 آپريٽنگ سسٽم فون جو حصو آهي ۽ آمريڪي پابندين سبب گوگل سروسز فون جو حصو نه آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.