حڪومت تبديلي جي نالي تي تباهي آڻي ڇڏي، ڪي پي ۾ سنڌ کان وڌيڪ بيروزگاري آهي: شازيا مري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته پاڪستان سستو ترين نه پر دنيا ۾ چوٿون ۽ ايشيا جو مهانگو ترين ملڪ آهي، وزيراعظم ڪوڙ ڳالهايو، هيءَ تبديلي نه تباهي آهي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته حڪومت تبديلي جي نالي تي تباهي آڻي ڇڏي آهي، عمران خان ۽ ان جي ٽولي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، هن وقت عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، هن وقت پاڪستان ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو ملڪ آهي.

هن چيو ته ڀارت ۾ ڪورونا باوجود مهانگائي گهٽ ٿي، پاڪستان ۾ مهانگائي 11 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، هر پاڪستاني تقريبن ٻه لک رپين جو قرضي آهي، پاڪستان مهانگائي جي لحاظ سان دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان رڳو ڪوڙ ڳالهايو، حڪومت سڀ الزام ڪورونا تي هڻي ڇڏيندي آهي، عمران خان ڀارت جا مثال ڏيندي ناهي ٿڪبو ۽ چوندو آهي ته پاڪستان خطي جو سستو ترين ملڪ آهي پر ڀارت ۾ 6.62 سيڪڙو مان مهانگائي گهٽجي 5.32 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

شازيا مري چيو ته پاڪستان ۾ 66 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار آهن پر عمران خان چئي ٿو ته گهٻرائڻو ناهي، سڀ ٺيڪ آهي پر سڀ ٺيڪ ناهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي ۽ بيروزگاري جي شرح 4 سيڪڙو آهي، جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ عمران خان جي حڪومت آهي ۽ اتي بيروزگاري جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.