پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جوهري هنڌن ۽ قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن سان پاڪستان ۾ 628 ڀارتي قيدين جي فهرست شيئر ڪئي، جن ۾ 51 شهري ۽ 577 مهاڻا شامل آهن.

اهو قدم پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 21 مئي 2008 جي صحيح ڪيل قونصلر پهچ جي معاهدي جي شق (آءِ) موجب کنيو ويو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن کي سال ۾ ٻه ڀيرا پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرست جي ڏي وٺ ڪرڻي هوندي آهي.

بيان ۾ چيو ويو ته ائين ئي ڀارتي حڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن سان ڀارت ۾ 355 پاڪستاني قيدين جي فهرست شيئر ڪئي، جن ۾ 282 شهري ۽ 73 مهاڻا شامل آهن.

پرڏيهي کاتي ٻڌايو ته هڪ ٻئي معاهدي تحت پاڪستان ۾ جوهري هنڌن ۽ سهولتن جي فهرست پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته ڀارتي پرڏيهي وزارت به جوهري هنڌن ۽ سهولتن جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن حوالي ڪئي.

بيان ۾ چيو ويو ته معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري تي پنهنجي جوهري هنڌن ۽ سهولتن بابت هڪٻئي کي آگاهه ڪرڻو هوندو آهي ۽ اهو عمل پهرين جنوري 1992 کان جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.