عليزي شاهه جي ويڊيو وائرل ڪندڙن جي شامت اچي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عليزي شاهه پنهنجي سگريٽ ڇڪڻ جي ويڊيو وائرل ڪندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪري ڇڏيو.

تازو عليزي شاهه جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ کيس گاڏي ۾ سگريٽ ڇڪيندي ڏسي سگهجي ٿو، اها ويڊيو هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار طرفان ٺاهي وئي هئي.

عليزي شاهه ويڊيو وائرل ٿيڻ تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ۽ ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ سان رابطو ڪيو آهي.

ان ڏس ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سنڌ جي ڊائريڪٽر عمران رياض انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ڪنهن جي به اجازت بنا ان جي تصوير ڪڍڻ يا ويڊيو ٺاهڻ، اپ لوڊ ڪرڻ، مختلف پليٽ فارمز تي شيئر ڪرڻ، ٽوئيٽ ڪرڻ، ري ٽوئيٽ ڪرڻ، جيئن هاڻ عليزي شاهه جي ڪيس ۾ ٿيو، اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ايڪٽ 2016 جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ هڪ ڏوهه آهي.

هن چيو ته ائين ڪندڙ کي 3 سالن تائين سزا ۽ 10 لک رپين تائين ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري احتياط ڪيو.

عمران رياض جي اسٽوري کي عليزي شاهه به پنهنجي انسٽا اسٽوري تي شيئر ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.