گھوٽڪي: سنڌ آبادگار بورڊ ۽ جي يو آءِ جو ڀاڻ جي کوٽ خلاف احتجاج

گھوٽڪي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ جي يو آءِ پاران ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ آبادگار بورڊ جي نائب صدر مجيب الرحمان ڪلوڙ،جي يو آئي جي حافظ سراج احمد چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب گهوٽڪي کان اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڀاڻ جي هٿرادوکوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ فوري طور تي ختم ڪئي وڃي، هاري ۽ آبادگار کي مقرر ڪيل اگهه تي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

هنن چيو ته ڀاڻ ڊيلرمافيا انتظاميه سان ملي ڀگت ڪري آبادگارن کي ڪنگال ڪرڻ چاهن ٿا افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته  ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ جون ٻه وڏيون فيڪٽرون هجڻ باوجود هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڀاڻ جي کوٽ جو نوٽيس وٺي آبادگارن کي معاشي قتل عام کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.