نوابشاهه: شهرين جو بلڊرن خلاف احتجاج

نواب شاھ ۾ شهرين پاران بلڊر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي شهرين راجا عبدالغفار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته ڀٽائي بلڊرز جو مالڪ عبدالمجيد آرائين ۽ رميز آرائين کان عثمان گارڊن ۾ پلاٽ ورتا هئا جنهن جون سموريون قسطون به ادا ڪري چڪا آهيون پر بلڊر مافيا پلاٽن جي رجسٽري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ مختلف طريقن سان پريشان ڪري رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن ڊي سي نواب شاھ ۽ ايس ايس پي کان  مطالبو ڪيو ته بلڊرز خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.