ٽنڊو رحيم خان: آبادگارن جو زرعي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف احتجاج

ٽنڊو رحيم خان ڀرسان ڇني ۾ آبادگارن پاران زرعي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن ليمو خان بوزدار،عبدلڪريم رستماڻي،کٽو شاهاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو ڪري  ڪاڇي جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي جنهن سبب هزارين آبادگار پريشاني واري صورتحال ۾ مبتلا آهن.

هنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه  کان مطالبو ڪيو ته زرعي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف نوٽيس وٺي آبادگارن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.