ڪراچي: نئين سال جي خوشي ۾ فائرنگ، نينگر مارجي ويو، 18 زخمي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر جي مختلف ٿاڻن مان جاري ڪيل انگ اکرن موجب نئين سال جي موقعي تي  شهر ۾ هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 18 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته 11 ورهين جو نينگر علي رضا جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ علاج دروان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،  نينگر نارٿ  ڪراچي جي سيڪٽر 5-3/B ۾ هوائي فائرنگ دوران گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿيو هو، جڏهن ته ٻين زخمين کي طبي امداد جي لاءِ مختلف اسپتالن  ۾ منتقل ڪيو ويو، ملوث ماڻهن خلاف جاچ جاري آهي.

ايڌي فائونڊيشن جي بيان ۾ زخمين جو انگ 15 ٻڌايو ويو، زخمين کي علاج جي لاءِ سول اسپتال، جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ۽  عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

واضح رهي ته 26 ڊسمبر تي جاري ڪيل بيان ۾ پوليس ترجمان چيو هو ته ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ خلاف ڪيسن سميت ٻيا قدم کنيا ويندا.

ڪراچي پوليس ترجمان موجب سٽي پوليس چيف هوائي فائرنگ جي واقعن جي نگراني ڪرڻ جي لاءِ ٽيم به جوڙي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.