اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي حفاظتي ضمانت منظور

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ۾ گهربل جوابدار جي سهولتڪاري واري ڪيس ۾ وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي ) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) بشير ميمڻ جي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گهربل جوابدار جي سهولتڪاري بابت ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت بشير ميمڻ جي 15 ڏينهن جي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي 15 ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بشير ميمڻ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر کيس گرفتاري جو خدشو آهي، بشير ميمڻ کي سياسي بنياد تي ڪوڙن الزامن ۾ ملوث ڪيو ويو.

واضح رهي ته ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي لاءِ اڄ لاهور طلب ڪيو هو،  ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته بشير ميمڻ تي جوابدار عمرفاروق ظهور جو نالو ريڊ نوٽيس  مان ڪڍرائڻ سميت ٻيا ڪيترائي الزام آهن.

ايف آءِ اي اختيارين چيو ته بشير ميمڻ  ٻڌائي ته جوابدار عمر ظهور سان لاڳاپن جي ڇا نوعيت هئي؟ جوابدار سان واسطو ڪڏهن ٿيو ۽ ڪيتريون نجي ملاقاتون ٿيون؟

رپورٽ موجب جوابدار عمر فاروق ظهور سوئٽررلينڊ، ناروي ۽ ترڪي سميت ڪيترن ئي ملڪن کي گهربل  آهي.

بشير ميمڻ جو موقف آهي ته ايف آءِ اي وارا  هن کان اُهي دستاويز گهري رهيا آهن،  جيڪي هن جي تحويل ۾ ناهن، جوابدار عمر فاروق ظهور جو نالو ريڊ نوٽيس مان ڪڍائڻ بابت انٽرپول جو پنهنجو طريقيڪار آهي، جوابدار جو نالو ريڊ نوٽيس مان ڪڍائڻ جو الزام  قانون کان اڻڄاڻائي جو نتيجو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.