پاڪستان ۾ جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ جيٽ فيول جي سخت کوٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آئل ريفائنريز جي بندش سبب جهازن کي گهربل جيٽ فيول جي سپلائي ۾ شديد مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.

پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) 15 ڏينهن تائين گهربل مقدار ۾ اي ون نالي فيول سپلائي کان معذرت جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ايئرپورٽ تي پي ايس او ايوي ايشن اختيارين مئنيجر ايئرپورٽ سروسز جي نالي اي ميل جاري ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل سروسز پرووائيڊرز پرڏيهي جهازن کي وڌ کان وڌ جيٽ فيول گڏ آڻڻ بابت آگاهه ڪن.

اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي جهازن کي رڳو لازمي صورت ۾ فيول سپلائي ڪئي ويندي ۽ صورتحال معمول تي اچڻ تي جيٽ فيول سپلائي بحال ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.