قانون جي حڪمراني وارو معاشرو ئي ترقي ڪندو آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته نبي ڪريم صه اخلاقيات جي معيار کي مٿانهون ڪيو، اُهي ئي معاشرا ترقي ڪندا آهن، جتي قانون جي حڪمراني هجي.

وزير اعظم عمران خان عالمي اسڪالرز سان آن لائن گفتگو ڪندي چيو ته  رڳو  اُها ئي قوم جيئري رهي ۽ اڳتي وڌي سگهي ٿي، جنهن جي حدن ۾ قانون جي حڪمراني قائم هجي.

هن چيو ته خاتم النبِيين حضرت محمد صه مسلمان کي عظيم قوم بڻائڻ جي لاءِ معاشري جي اختلاقي قدرن کي مٿانهون ڪيو.

سندس چوڻ هو ته انصاف ۽ قانون جي حڪمراني سان ئي قومون ترقي ڪنديون آهن، نبي ڪريم صه جن جي مثالن تي عمل ڪرڻ ئي خوشحالي جو رستو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.