ثاقب نثار تي تنقيد: مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي اپيل خارج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عدالت اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار تي تنقيد ڪرڻ تي ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ مريم نواز خلاف داخل توهين عدالت جي اپيل خارج ڪرڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

مقامي وڪيل شاهد خاقان عباسي ۽ مريم نواز خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سنگل بئنچ جو فيصلو برقرار رکندي انٽرا ڪورٽ اپيل خارج ڪري ڇڏي.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ن ليگ اڳواڻن خلاف توهين عدالت جون درخواستون خارج ڪرڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪيو.

عدالت پنهنجي لکت فيصلي ۾ چيو ته درخواست گذار نه ٻڌائي سگهيو ته ڪهڙي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ته ڪنهن جي مطالبي تي توهين عدالت جي ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.