گهوٽڪي ۾ ڀاڻ ۾ هيراڦيري ڪندڙ مٿان ڪيس داخل

گهوٽڪي (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي جي رپورٽ تي مرشد ٽريڊر فرٽيلائزر جي نالي سانرجسٽرڊ ڊيلر چتندر مٿان 5 هزار 4 سئو يوريا جي ٻورين متعلق معلومات فراهم نه ڪرڻ، بليڪ مارڪيٽنگ، ذخيره اندوزي ۽ گهوٽڪي جي يوريا ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڏهرڪي کي مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر فاطمه فرٽيلائزر ڪمپني صادق آباد جي اختيارين ڏانهن پڻ خط لکي ڄاڻايل ڊيلر کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.