دادو ۾ پوليس جا حال پورا، موبائلون ڌڪي اسٽارٽ، وڊيو وائرل

دادو ( ڊ ر) دادو پوليس کاتي جا حال پورا ٿيندي نظر اچي رهيا آھن پوليس کاتي ۾ سرڪاري گاڏين جي لاء لکين روپين جي بجيٽ ھئڻ جي باوجود بهي سرڪاري پوليس موبائلون خراب آھن جڏهن ته ڪچهري روڊ تي خراب ٿي پئي پوليس اهلڪارن ٿاڻي تان گاڏي ڌڪي پهچائڻ لاء شھرين کي منٿون ڪرڻ لڳا شھرين پاران پوليس جي اهڙي ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ڇڏي آھي جنهن تي دادو پوليس کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آھي پوليس اهلڪارن جو چوڻ هو ته موبائل ۾ بيٽري خراب آھي بند ٿيڻ کانپوء اسٽارٽ نه پئي ٿئي ڏينهن ۾ 3 کان 4 ڀيرا موبائل کي شهرين جي مدد سان ڌڪو ڏئي اسٽارٽ ڪندا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.