شيخ ڀرڪيو ۾ صحافي مٿان بااثرن جو تشدد، ڌرڻو

شيخ ڀرڪيو (ن ع آ)يوسي شيخ ڀرڪيو ۾ پ پ يوٿ ۽ من گروپ جي سرواڻ سميت پنج کان مٿي هٿياربند وچ باراز ۾ صحافي رفيق ٿهيم مٿان لٺين، مڪن، ٺوشن جو وسڪارو لاهي ڏنو، لٺيون لڳڻ سبب شيخ ڀرڪيو جو صحافي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي بعد ۾ شھرين مڙسي ڪري بچائي ورتو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي شيخ ڀرڪيو ينگ ٿهيم اتحاد جي سوين ماڻھن ٽنڊو الهيار شيخ ڀرڪيو روڊ برادري پاران صحافي تي تشدد مارڪٽ خلاف ينگ ٿهيم اتحاد جي اڳواڻن، غلام حسين، حاجي جاويدشھزاد، صداقت در محمد، ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ شيخ ڀرڪيو ٽنڊوالهيار مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته علائيقي ۾ منشيات فروشي، ڀتاخوري، ۽ ڪرمنل ايڪٽوٽي ۾ ملوث هجڻ جون سوشل ميڊيا تي خبرون هلائڻ تان مڇر جي هلان ڪري تشدد ڪيو ويو، ٻئي طرف شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب جي صحافين صدر ايڊووڪيٽ عباس علي ٿهيم، غلام مصطفي ڪاتيار، اي ڊي شاهاڻي، اشرف عمراڻي، جان محمد خاصخيلي، مظفر بروهي، سلام الله ٿهيم، نم سنڌي،عاشق ٿهيم ۽ چيو ته صحافي رفيق ٿهيم مٿان حملو آزاد صحافت تي وار آھي جيڪو ناقابل برداشت آھي اسان شيخ جي رفيق ٿهيم تي حملو ڪندڙ پ پ جي دھشتگرن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪري قانوني ڪهڙي ۾ آندو وڃي ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.