قمبر ۾ پوليس پاران 7 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قمبر( ن ع آ) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنه جي سخت احڪامات تي ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ٻن منشيات فروشن سميت سنگين ڪيسن ۾ گھربل ست روپوش ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي منشيات فروشن ۾ شهاب الدين ڪوريجو  کان 1100 سو گرام چرس ۽ واجد ڪلهوڙو کان چار ڪلو گرام چرس برآمد ٿيو آهي، گھربل ۽ روپوش جوابدارن ۾ رستم مگسي ۽ رحمت مگسي کان ڏوھه ۾ ڪم آندل ٻه  پستول ۽ گوليون جڏهن ته رياض مگسي کان 80 مڻ چوري شده انُ جون ٻوريون، محمد علي چانڊيو کان هڪ عدد پستول ۽ گوليون،ان کان علاوه مقابلي ڪيس جي روپوش جوابدار اختيار مغيري کي پڻ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنه چيو ته منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف قمبر شھدادڪوٽ پوليس جون ڪارويون جاري آھن۔منشيات فروش ۽ ڏوهاري کي ڪنهن به قسم جي رعايت جا حقدار نه آهن. انهن خلاف پوليس جون اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون. پوليس منشيات ۽ ڏوهارين کي عدالتن مان سزا ڏيارڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.