رتوديرو ۾ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

رتوديرو (ن ع آ) رتيديري لڳ ڳوٺ لشڪري لولائي جي رهواسي ڳوٺاڻن رتوديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين احسان علي ، غلام نبي ، سچل ، صحبت ، غلام صديق ، عبدالغفور محرم لولائي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن رتيديري ٿاڻي جو ايس ايڇ او چار پوليس موبائلن ۾ پوليس اٽالا ساڻ ڪري اسان جي ڳوٺ لشڪري لولائي تي بلا جواز چڙھائي ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد اسان جي ٻن نوجوانن سليم ، ۽ منظور لولائي کي کنڀي کڻي ويا ۽ ھڪ موٽر سائيڪل پڻ کڻي پيا جڏھن ته اسان جي نوجوانن مٿان نه ئي ڪو ڪيس داخل آھي ۽ نه ئي ڪي هو ڏوهاري آھن جڏھن ته هو ٻئي سيلر تي مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا آھن جڏھن اسان گرفتاري جو سبب پڇڻ لاء رتيديري ٿاڻي تي پهتاسين ته اسان کان ڳري رشوت طلب ڪئي وئي جنهن بعد هڪ ڄڻي سليم لولائي کان رشوت وٺي ان کي آزاد ڪيو ويو جڏھن ته منظور لولائي غريب هجڻ سبب رشوت جا پئسا نه ڏئي سگهيو جنهن مٿان پوليس طرفان ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري لاڪپ حوالي ڪيو ويو جيڪا سراسر ناجائزي آھي هنن ڊي آء جي، ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو آھي ته اسان سان بيگناھ ناجائزي ڪندڙ ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.