ڪنڌڪوٽ ۾ڀاڻ جي کوٽ، بليڪ تي وڪرو، هاري ڪنگال

ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ : ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ ضلعو زرعي علائقو آهي جتي ساريون ۽ ڪڻڪ سميت ٻيون پوکون ٿينديون آهن ضلعي جي معشيت زراعت تي ٻڌل آهي انھي وقت سارين جو فصل پوکجي رھيون جنهن جي موسم ۾ ڀاڻ جو وڪرو ڪندڙ واپارين جي ملي ڀڳت ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ھارين زميندارن کي بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي ڀاڻ جي زمين کي وقت سر ڏيڻ سبب ھاري ـ زميندار مجبورن وڌيڪ اڳھ تي ڀاڻ وٺي رھيا آهن جنهن جو نقصان ھارين ـ زميندارن سميت ضلعي کي معاشي نقصان ٿيندو. انتظاميا پاران واپارين جي خلاف ڪيل ڪاروايون به بي اثر نظر اچي رھيون آهن ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران اي پي سي ـ گھرائڻ ـ احتجاج ڪرڻ تي به ڪو به فرق نه پيو آهي انھي حوالي سان ھاري ۽ زميندارن آفتاب احمد باجڪاڻي ـ ڪامريڊ عباس ـ شاھنواز مرھٽو ـ حاجي الطاف حسين بنگوار ـ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته ڀاڻ ڏيڻ جو وقت آهي واپارين اسٽاڪ رکي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو ڪري رھيا آهن ڀاڻ وڌيڪ اڳھ تي ملڻ سان اسان کي فصل جو خرچ به نه نڪرندو جنهن ڪري اسان قرضي ٿينداسي جنهن ڪري اسين سنڌ حڪومت ـ ضلعي مان چونڊيل نمائيندا ۽ وس وارن کان گھر ڪريون ٿا ته نوٽيس وٺي واپارين جي خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ وڪرو ختم ڪرائي ھارين ۽ زميندارن کي پريشاني مان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.