نئون ديرو ۽ ڀرپاسي ۾منافعي خورن ڀاڻ لڪائي ڇڏيو، بليڪ تي وڪرو

نئون ديرو (ن ع آ) نئون ديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ نئون ديرو جي ڊيلرن گدامن ۾ اسٽاڪ ڪري ڇڏيو جڏهن ته سرڪاري اگهه في ٻوري 1780 روپيا آھي ۽ واپاري في ٻوري 2500 کان 2700 ۾ وڪرو ڪرڻ لڳا آبادگارن طرفان بار بار شڪايتون ۽ احتجاج ڪرڻ باوجود انتظاميه سميت هن تڪ جي چونڊيل نمائندن  نوٽيس ئي نه ورتو آھي جنهن سبب غريب مسڪين ماروئڙا هن سال ڪڻڪ جي فصل کي يوريا ۽ ڊي اي پي  ڀاڻ نه ڏئي سگهندا  فصل في ايڪڙ پيداوار گهٽ ڏيندو جيڪا ذميوار حڪومت ڏي وڃي ٿي ،جڏهن ته ڪجهه ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته نئون ديرو جي ڊيلرن ڀاڻ جون هزارين ٻوريون نئون ديرو جي بااثر سياسي اڳواڻن جي  رائيس ملن جي گدامن ۾ اسٽاڪ ڪري ڇڏيون آھن جيڪي رات جي پهر ۾ بليڪ تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون جنهن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي پر انتظاميه جي جوءَ ئي نه چري آھي ،ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو غوث بخش جتوئي سان رابطو ڪيو ويو ان پنهنجي موقف ۾ چيو آھي اسان نئون ديرو ۾ مختلف جاين تي ڇاپا لڳايا آھن ڪٿي به ڀاڻ اسٽاڪ ٿيل ناهي حڪومت پاليسي ٺاهي آھي جنهن تحت ڀاڻ ڊيلر سرڪاري اگهه ۾ ڀاڻ وڪرو ڪندا تمام جلد ان تي عمل ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.