سال 2021ع پورهيت جدوجهد لاءِ وڏو نقصانڪار ثابت ٿيو آهي: اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سال 2021ع جي پڄاڻي تي هاري جدوجهد جي وڇڙيل ساٿين ڪامريڊ غلام رسول سهتو، احمد خان لغاري، علي محمد خاصخيلي، صالح بلو، مصري خان ٽالپر، ڪامريڊ وزير لاکو، ڪامريڊ منصور ميراڻي جي ياد ۾ مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڏيئا ٻاري سندن تصويرن تي گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سال 2021ع پورهيت جدوجهد جو وڏو نقصانڪار سال ثابت ٿيو. جنهن ۾ پورهيت اڳواڻ اسان کان وڇڙي ويا. سنڌ هاري ڪاميٽي ڪميٽيڊ ساٿين کان محروم ٿي. سندن ڪيل جدوجهد پورهيتن لاءِ اتساهه جو سبب آهي. هنن چيو ته گذري ويل سال ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب پورهيتن کي ڏک تڪليفون پهتيون آهن. هاري معاشي طور تي ڪمزور ٿي ويا آهن. 2021ع ۾ حڪومت جي ناڪارا پاليسن سبب عوام سخت بيچئني ۾ گذاريو آهي. هنن چيو سال 2021ع ۾ پڻ سردارن. ڀوتارن ۽ وڏيرن جي جبر جو سال پڻ رهيو آهي. شهيد ناظم جوکيو، فهيده سيال جا قتل پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهن. هنن چيو ته جدوجهد کانسواءِ تبديلي ممڪن نه آهي. پورهيت جيستائين متحد ٿي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فڪر تي جدوجهد نه ڪندا تيستائين خوشحالي ممڪن ناهي. هنن چيو ته ايندڙ سال 2022ع پورهيتن جي خوشحالي جي جدوجهد جو سال ڪري ملهائينداسين. اميد ڪيون ٿا ته ايندڙ سال بهتري جو سال ثابت ٿيندو. ان موقعي تي قومي راڳي ٻيجل سنڌي قومي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي ارباب ابراهيم راهمون، فقير علي اڪبر جتوئي، حسن رضا شر، ڪامريڊ ولي محمد، جونيئر مظهر علي، محبوب حيدر ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ۽ هاري ڪارڪن شريڪ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.