ڪنري ويجھو عورتن پاران زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش

ڪنري (ن ع آ) ڪنري ويجھو. پڪو موڙ جي ڳوٺ غلام مصطفيٰ نظاماڻي ۾ 3 ٻارن جي ماءُ 25 ورھين جي وسائي زال علي حسن سولنگي گھريلو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي آپگھات جي ڪوشش ڪئي، ٻئي طرف راڄاري ۾ 7 ٻارن جي ماءُ 28 ورھين جي روبينا زال غلام مصطفيٰ گشڪوري جيت مار دوا خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، ٻنھي عورتن کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي ڪوششن سان حياتيون بچايون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.