مير پور خاص ۾ ڏوهاري سرگرم، نوجوان کان ڦر

مپر پورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي ڀانسنگھه آباد جي رهواسي فرحان پٽ جاويد سومرو کان نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي لکين ورپين جي ماليت جا سندس آءِ فون سميت ٻه قيمتي موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واضع رهي ته ڪجھ ڏينهن جي ٺاپر بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ميرپورخاص ۾ ڦر ۽ چوري جي وارداتن ۾ تيزي اچي ويئي آهي پوليس جي نااهلي ۽ عوام کي تنگ ڪرڻ سبب رهواسي موبائيل فون جي ڦر جا ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس کان رابطو ڪرڻ کان به ڪيٻائڻ لڳا آهن پوليس شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيڻ سبب عوام ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي. سڃاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته شهر  ۾ وڌندڙ وارداتن ۽ ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.