ڪورنگي مان قتل ڪيس ۾ گهربل 2 جوابدار گرفتار

ڪورنگي (ن ع آ)ڪراچي اينٽي ڪار لفٽنگ سيل پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪورنگي جي ڏوهارين هٿان شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان پوليس سان مقابلي ۾ استعمال ٿيندڙ  ڪار سميت چوري ڪيل 4 ڪار گاڏين ٻن موٽر سائيڪلن   سميت 2 پسٽل هٿ ڪري ورتا  آهن. ڪراچي اي وي ايل سي پوليس طرفان هڪ ڪامياب ڪاروائي ڪندي ڪورنگي ماڊل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ 22 ڊسمبر تي ڪار سوار هٿياربندن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار فرحان ولد عثمان کي قتل ڪندڙ ٻن ڏوهارين کي ساٿين سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي.اي وي ايل سي پوليس هٿان گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان ماڊل ڪالوني ۾ شهيد ٿيندڙ  اهلڪار جي قتل واقعي ۾ استعمال شده چوري ٿيل ڪار سوڌو چوري ٿيل چار ڪارون 2  موٽر سائيڪلون  2 عدد پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن.  ان سلسلي ۾ ايس ايس پي اي وي ايل سي ڪراچي بشير بروهي رابطو ڪرڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گرفتار ڪيل ڏوهارين راغب ۽ شاهه زخ کي ٻن ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي جن ماڊل ڪالوني ٿاڻي جي هيڊ ڪانسٽيبل فرحان کي شهيد ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي جيڪي عادي ڏوهاري آهن جوابدار راغب علي ولد مسرت علي 2008 کان ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث آهي جيڪو رڪارڊ پوليس وٽ موجود آهي ۽ جوابدار شاه رخ ولد افتخار محمود 2017 کان وٺي ڦر ڌاڙي .چوري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث رهيو آهي جيڪو اي وي ايل سي پوليس هٿان گرفتار ٿي 6 ڀيرا جيل ڀيڙو ٿي چڪو آهي جڏهن ته سندن ساٿين ۾ احسن عرف علي ولد احسان علي شيخ. عثمان ولد شڪيل احمد شامل آهن جن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.