پکو پوليس ڀاڻ جو هٿ ڪيل ٽرالر پئسن عيوض ڇڏي ڏنو

پکو ( ن ع آ)پکو لڳ پوليس يوريا ڀاڻ جو ٽرالر ھٿ ڪري ورتو 50 ھزارن جي ڊيل تي ڇڏيو ويو ان ڏس ۾ گذريل رات لاڙڪاڻي کان سوين يوريا ڀاڻ جون ٻوريون کڻي ويندڙ ٽرالر کي ڏيرا پل وٽ قائم پوليس چونڪي جي اھلڪارن روڪي ورتو اھڙي طرح حد جي ايس ايڇ او ساجد سانگي کي اطلاع ڏنو ويو جنھن پوليس نفري ساڻ ڪري جاء واردات پھچي ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته پوليس پاران ڊرائيور کان پڇاڳاڇا تي ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر پ پ ايم پي اي عزيز جوڻيجو جو ٻڌايو جيڪو خيرپور ناٿن شاھ وڃي رھيو ھو ھوڏانھن باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو ته ڀاڻ جي ٽرالر کي ڇڏائڻ لاء علائقي جي ھڪ سياسي شخصيت ايس ايڇ او ڳيريلو ساجد سانگي سان 50 ھزارن جي ڊيل ڪري ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر کي پوليس کان ڇڏائي خيرپور ناٿن شاھ روانو ڪرائي ڇڏيو ان حوالي سان ايس ايڇ او ساجد سانگي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته يوريا ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر زراعت کاتي جو ھو جيڪو ميرپورماٿيلو فرٽلائيزر ڪمپني مان حيدارآباد واري علائقي ڏانھن نيو پئي ويو جنھن جي اسان جاچ ڪري ڇڏيو آھي باقي ڀاڻ ڪنھن به سياسي توڙي خانگي ماڻھو جو نه ھو ۽ نه ئي ڪا پئسن جي ڊيل ٿي آھي ٻئي پوليس پاران ھٿ ڪيل ڀاڻ جي ٽرالر کي ڇڏڻ تي علائقي جي سماجي ڌرين جو چوڻ ھو ته ھڪ طرف حڪومت ڀاڻ جي ڄاڻي واڻي کوٽ پيدا ڪئي آھي ته ٻئي ته حڪومتي ڌر جا چونڊيل نمائنده غير قانوني ڀاڻ جي ضلعي بدر اسمگلنگ ڪري رھيا آھن جن سان پوليس ٻٽ بڻيل آھي جيڪا رات جي اونداھي ۾ ضلعي مان ڪراس ڪرائي رھي آھي ھُنن چيو ته گذريل رات ڏيرا پل چونڪي جي اھلڪارن ھٿ ڪيل سوين ٻورين سان ڀريل ٽرالر سياسي ماڻھن جي چوڻ تي ڇڏي ڏنو آھي جيڪو ننڍن آبادگارن سان سراسر ظلم آھي اھڙي عمل جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي’ سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث اھلڪارن کي سخت پڇاڻو ڪري سزا ڏياري وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.